جينت ريلواڻي

جينت ريلواڻي

جينت ريلواڻي

جينت ريلواڻي: نامور ڪهاڻيڪار، اخبار نويس، مترجم ۽ تاريخدان، جينت ريلواڻيءَ، 3 سيپٽمبر 1936ع تي لاڙڪاڻي ۾ جيوترام ريلواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. 12- 13 سالن جي ڄمار ۾ ورهاڱي بعد ڀارت جي گجرات صوبي ۾ مائٽن سان گڏ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. جتي هن اسڪولي ۽ ڪاليجي تعليم انٽر ڪامرس تائين پوري ڪري ريلوي ۾ ملازمت ڪئي، جتان ئي اڳتي هلي ريٽائرمينٽ ورتائين.جينت ريلواڻيءَ، لکڻ جي شروعات گجراتيءَ ۾ ڪئي ۽ هڪ ئي وقت سنڌي، گجراتي ۽ انگريزي زبانن جو ماهر هو، هن سنڌيءَ مان گجراتي ۽ گجراتيءَ مان سنڌي ادب ۾ وڏي تعداد ۾ ترجمو ڪري، ٻنهي ٻولين کي هڪ ٻئي جي ويجهو آڻڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون. هن جا گجراتي زبان ۾ ادب، تاريخ ۽ تهذيب تي مستقل ڪالم ڇپجندا رهيا آهن. جينت ريلواڻي ’سنڌو ڀارتي‘ مخزن جو ايڊيٽر به رهي چڪو آهي. هن هڪ ئي وقت تحقيق، ترجمي، ڪالم نگاريءَ، ڪهاڻي، ناول، صحافت ۽ مضمون جي ميدان ۾ قلم کنيو. گجرات جي سنڌي، هندي ۽ گجراتي ساهتيه اڪيڊمين سان هڪ ئي وقت لاڳاپيل رهيو. کيس انهن اڪيڊمين ۽ سنڌي اڪيڊمي دهليءَ پاران ڪيترا اوارڊ به مليا. جينت ريلواڻيءَ سنڌي، هندي ۽ گجراتيءَ ۾ ستر کن ڪتاب لکيا ۽ ڇپايا آهن، جن مان 46 گجراتيءَ ۾، 20 سنڌيءَ ۾ ۽ 7 هنديءَ ۾ آهن. سندس ڪتابن مان ڪجهه اهم ڪتابن جو تفصيل هن ريت آهي:(1) آليون پلڪون، اداس نيڻ (ڪهاڻيون: 1965ع)، (2) پنڌن جا پيچرا (ڪـهـاڻـيـون: 1969ع)، (3) ســـفـيــد سـفـيــد اونــداهــي (نـــاول: 1970ع)، (4) صـلـيــب تـي لـٽـڪـيــل سـنـڌي سـاهـتڪــار، (5) خـلــل (ڪهـاڻيـون)، (6) ڪرنگهي لاءِ ڪئلشم (مني ڪهاڻيون)، (7) ڪڇ ۽ سنڌ جا قديم ناتا (تحقيق)، (8) گل گرنار جا، (9) ڪوڏ پويل مالها، (10) ڪٺياس ڀنڀور ۾ (مـضمـون)، (11) سـمـنـڊ جـي هــن پــار جــو پـيــار، (12) سـوراج جـي آتـمـا، (13) آزاديءَ جو امـرت (ڳوٺاڻي ترقي)، (13) اڪيلو آڪاس، (14) بـدنـام شـخـص، (15) مـيـارون (تـرجمـو)، (16) ســوراشـٽـر جـا سـاهتڪار (ترتيب)، (17) اشوٿامي پيڙا (شاعري: گجراتي)، (18) مولانا لالجي ڀائي (سوانح: گجراتي)، (19) سنڌي ٻال ڪٿائو (گجراتيءَ ۾ سنڌي ٻاراڻين ڪهاڻين جو ترجمو)، (20) سنڌي ساهتيه (گجراتي)، (21) سفيد انڌارا (گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪيل سنڌي ڪهاڻيون)، (22) سنڌ، ڪڇ، ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا وغيره.
جينت ريلواڻيءَ جو آخري ڪتاب سندس سالن جي تحقيق تي مشتمل آهي، جنهن ۾ هن پراڻن آثارن ۽ اهڃاڻن مان هٿ آيل شين جي بنيادن تي سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب تي تفصيلي مواد ڏنو آهي. سندس هيءُ ڪتاب 1998ع ۾ تيار ٿي گجرات سنڌي ساهتيه اڪيڊميءَ کي پيش ڪيو ويو هو. جنهن جو محدود حصو سنڌي ٽائيمس الهاس نگر پاران 2003ع ۾ ’ڪڇ ۽ سنڌ جا قديم ناتا‘ عنوان سان ڇپيو هو ۽ ان جو هنديءَ ۾ به ترجمو ٿي چڪو آهي. جينت ريلواڻيءَ 55 سالن تائين ادبي ميدان ۾ پاڻ موکيو. هن گجراتيءَ ۾ لکڻ جي ابتدا ان ڪري ڪئي، جو شروع ۾ گجراتين جي ڏکوئيندڙ سوال ته: ’توهان جو ادب، تاريخ ۽ تهذيب ڪهڙي آهي؟‘ هن جي ذهن کي وڏو جهٽڪو ڏنو، ۽ پوءِ هن چونڊ سنڌي ادب کي گجراتيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ پنهنجو مقصد بڻائي ڇڏيو. ائين هن نه رڳو طبعزاد سنڌيءَ ۾ لکيو، پر گجراتيءَ ۽ هنديءَ ۾ سنڌي ادب کي متعارف ڪرائڻ لاءِ درجنين ڪتاب لکي ورتا. هــن 1983ع ۾ ســڀ کـان پـهـريـن دهـلــيءَ ۾ ڊاڪـٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ تي ٿيل قومي سيمينار ۾، شاهه لطيف جي حوالي سان سوال اٿاريو هو ته شاهه جا ڪردار ۽ حوالا ڪڇ سان لاڳاپيل هجڻ جي باوجود اسان صرف فارسي ماخذن تي ڇو ٿا ڀاڙيون ۽ اسان جو ڪڇي ۽ گجراتي ادب طرف ڌيان ڇو نه ويو آهي. ائين هن ڪڇي ۽ گجراتيءَ ادب، توڙي ڪڇ ۽ گجرات جي سنڌي لوڪ ادب جي مطالعي ۽ کوجنا ذريعي سنڌ جي تاريخ جا نوان گوشا متعارف ڪرايا ۽ ’سنڌ، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جا سڀيتڪ ناتا‘ (2008ع) جهڙو تاريخي دستاويز لکي، تاريخي ڪارنامو سرانجام ڏنو. هن ڪتاب جي هند ۽ سنڌ جي عالمن وڏي آجيان ڪئي آهي.سنڌ، سنڌي ٻولي، ادب ۽ تهذيب جي هن وڏي سڄڻ، 29 نومبر 2010ع تي لاڏاڻو ڪيو.


لفظ جينت ريلواڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.09.03  عيسوي

جينت ريلواڻيءَ، 3 سيپٽمبر 1936ع تي لاڙڪاڻي ۾ جيوترام ريلواڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. 12- 13 سالن جي ڄمار ۾ ورهاڱي بعد ڀارت جي گجرات صوبي ۾ مائٽن سان گڏ مستقل رهائش اختيار ڪيائين.


2010.11.29  عيسوي

جينت ريلواڻي 29 نومبر 2010ع تي لاڏاڻو ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طارق احمد ميمڻ
جمن احمداڻي
عبدالستار سمو
رتنا گوديا رولاڪ
جنجهي نور احمد
استاد نظاماڻي
جھانگير خان ڪرڪيٽر
نذير احمد سومرو پروفيسر
علي نواز انڙ
جارج بوٿ تروٽ ڪرنل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون